روزن کان پوءِ عيد جو مقصد سمجھڻ جي ضرورت !

 رمضان المبارڪ جو مقدس مھينو جنھن ۾ الله تعالٰي پنھنجن ٻانھن تي روزہ فرض ڪيا روزن جو مقصد بک ، اڃ نه پر ان بک ۽ اڄ سان گڏ ھر ان عمل کان رڪجي وڃڻ آھي جيڪو گناھہ ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ وڏي ڳالھه ته ان بک ، آڃ کي برداشت ڪري انھن غريبن جو احساس ڪرڻ آھي جيڪي ٻارھو مھينو غربت ۾  گذارين ٿا. فطرو زڪوات به غريبن ، مسڪينن جو حق قرار ڏنو ويو مطلب ته جيڪڏھن اوھان غريبن ، مسڪينن جي مدد ڪيو ته پاڻ ان بک ۽ اڃ مان گذري پوءِ ڪيو  ته جئين اوھان ۾ تڪبر ، غرور نه رھي .

 اھا حقيقت آھي ته الله تعالٰي کي اسان جي بک ۽ اڃ سان ڪو واسطو ناھي اصل نه اسان جي  بک ۽ اڃ جو احساس وٽس پھچي ٿو نه عبادتن جا ظاھري ڏيک پھچن ٿا ! جيڪڏھن ڪا شيءِ  پھچي ٿي ته اھا انسان جي نيت پھچي ٿي ۽ نيت جو تعلق عمل سان آھي عمل ڏيکاءَ خاطر نه پر الله سائين جي رضا خاطر ھئڻ گھرجي . جن به ھن مقدس مھيني جي رحمتن ۽ برڪتن جو فائدو ورتو آھي ۽ عمل ڪيو آھي ته نيت کي به عمل جي تابع ڪيو ھوندو آھي ته اھي ئي  ڪامياب آھن . 
جن رمضان المبارڪ کي ڏيکاءَ خاطر گذاريو ته ظاھر آھي مالڪن جا فرمان موجود آھن اھي سڀ عبادتون کڻي سندن منھن تي ڦٽيون ڪيون وينديون ! ڏسجي ته رمضان المبارڪ کي اسان جي ملڪ ۾ ته واپاري ڪمائي جو مھينو سمجھي ھر شي مھانگي ڪري ڇڏين ٿا ذخيره اندوزي ڪئي وڃي ٿي خود حڪومت ۽ حڪومتي مشنري احترام رمضان جون ڌڄيون اڏائي ڇڏين ٿا . ايڏي مھانگائي جو رمضان المبارڪ جنھن کي الله سائين پنھنجو مھينو قرار ڏنو پاڻ کي ميزبان ۽ روزيدار کي مھمان چيو پر ھتان جي تاجرن ، واپارين ، حڪومتن الله سائين جي مھيني کي پنھنجي ڪمائي جو مھينو قرار ڪري ڏيکاريو آھي  ۽ الله سائين جي مھمانن کي قرباني جو ٻڪرو سمجھي ورتو آھي .
روزن کان پوءِ جڏھن شوال جو چنڊ نظر اچي ٿو ته عيد ملھائي ويندي آھي جنھن کي عيدالفطر چيو ويو آهي مطلب فطري واري عيد فطرو اصل ۾ زڪوات ئي آھي جيڪا غريبن ، مسڪينن ، نادارن کي ڏنو ويندو آھي ان لاءِ وري ھي شرط آھي ته  خاندان ۾ جيڪڏھن غريب آھن ته پھرين انھن جو حق  آھي پوء پاڙيسري ، شھري ۽ ٻيا پر اسان وٽ ھتي به ڏيکاءَ ڪيو ويندو آهي . عيد ڏھاڙي کي ائين ملھايو ويندو آهي جئين مخصوص مٿانھين طبقي لاءِ ھجي ۽ غريب لاءِ وري به ساڳيو عام ڏھاڙن جيان ھجي . جڏھن ته عيد جي معنٰي آھي "پلٽي اچڻ واپس اچن "! مطلب اوھان ھڪ مھيني جي جيڪا تربيت حاصل ڪئي ھاڻ ان جو امتحان شروع ٿئي ٿو اوھان کي خوشي جو حڪم ڏجي ٿو پر اھا خوشي اوھان ڪئين گذاريو ٿا پنھنجي لاءِ يا غريبن لاءِ شاھاڻي طريقي يا سادگي سان ، غريبن جي دلجوئي سان يا انھن جي دلين کي وڌيڪ اھنج پھچائڻ وارن عملن سان ؟ دانھن ڪبي ته اسين نه عبادتن جا اصل مفھوم سمجھي سگھيا آھيون نه وري عيد جي اصل مقصد کي سمجھي ملھائڻ جا عادي آھيون . ھڪ رسم سمجھي رسمي انداز سان،  سابہ پنھنجي پسند نا پسند وارين خواھشن سان ملھائيندا آھيون . جڏھن ته عيد واپسي جو نالو آھي پنھنجي اصلوڪي زندگي ڏانھن ھاڻ ان کي پنھنجي مرضين جي تابع ڪرڻ نہ پر الله سائين جي حڪمن جي تابع ڪرڻ آھي الله سائين جا حڪم حقوق الله ۽ حقوق العباد آھن وري به راحمين رب پنھنجن حقن ۾ ڪيل ڪوتاھي جي معافي بندي کي ڏئي سگھي ٿو پر انسانن جا انسانن تي ، بندن جا بندن تي حق واري ڪوتاھي کي معاف نٿو ڪري جيستائين بندو ئي پاڻ بندي کي معاف نه ڪري . تنھن ڪري دانھن آھي ته عيد جي خوشين ۾ حقوق العباد کي نه وساريو وڃي ۽ نيت کي خالص رکيو وڃي ته جئين عمل به قبوليت جو درجو حاصل ڪري سگھن ۽ بندو بندي لاءِ غضبناڪ نه پر راضي ڏسڻ ۾ اچي .
عيد جي ڏينھن کي اسين مذھبي ڏڻ ڪري ملهائيندا آھيون جڏھن ته مذھبي ڏڻ کي مذھب مطابق  ملھائيندا ئي ناھيون جن ڳالھين کان مذھب منع ڪري ٿو انھن کان رڪجي  ڪونه ٿو ۽ جن عملن جي اجازت آھي ان تي عمل ڪجي ڪونه ٿو . اسين عيد کي چنڊ ڏسڻ ، چند رات وري عيد ڏينھن کي عيد نماز تائين ملھايون ٿا . ان کان پوءِ عيد ڏينھن ڇا آھي ان تي غور ڪيو ئي ناھي . ڪاش غورڪجي ته ڄاڻ ملندي ته عيد خوشي جو اھو ڏينھن آھي جنھن ڏينھن خوشين کي ٻين سان  ونڊڻو ھوندو انھن سان جن جي زندگي ٻارھو مھينو ڏکن ، تڪليفن ۾ گذري آهي. انھن کي خوشيون ڏئي اصل خوشي کي حاصل ڪري سگھجي ٿو .
عيد ڏھاڙي جيڪا فضول خرچي ٿئي ٿي ۽ ڏيکاءُ خاطر جيڪو ڪجھه ٿئي ٿو اھو عيد جي مفھوم کي مٽائي ڇڏي ٿو . روزن کان پوءِ پاڻ ۾ اُڄَ ، بُکَ جو احساس رکي عيد ملھائجي ان ڪري ته احساس بنا عيد الفطر جو مقصد ئي حاصل نٿوٿي سگھي . ھر اھو عمل ڀل ڪيو جنھن سان خوشي محسوس ڪيو پر اھڙي خوشي نه ڪيو جنھن سان ٻين جي دل آزاري ٿئي . 

0 Comments