اپريل تي وزيرآعظم خلاف بي اعتمادي لاءِ ووٽنگ بجاءِ اڳواٽ تيار ڪيل اسڪرپٽ تحت ملڪ جي مقدس ايوان ۾ حڪومتي ڇڙواڳي ملڪ کي آئيني بحران جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي . ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي صدارت ڪندي اصل ايجنڊا کان ھٽي ڪري سوالن واري مرحلي ڏانھن ويو ۽ وفاقي وزير اطلاعات ۽ قانون فواد چوڌري کي سوال لاءِ چيو جنھن جي پڇيل سوال کي درست قرار ڏيندي بي اعتمادي کي بيروني ملڪ جي سازش چئي سموري گڏيل اپوزيشن کي غدار قرار ڏيندي بي اعتمادي رٿ کي ئي رد ڪري ڇڏيو جڏھن ته اٿاريل سوال تي اپوزيشن کان ان جواب وٽن گھرجي ھا يا ان تي بحث ٿيڻ گھرجي ھا جيڪو نه ڪيو ويو ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاڻمرادو ئي سوال جو جواب رول گ صورت ڏئي ڇڏيو ھن جي رولنگ تي اسيمبلي جو سيڪريٽري پنھنجي متي تي ھڪ ڏئي ڪندڙ گيٽ ڪري ڇڏيو . ڪجھه وقت ۾ وزيرآعظم قوم کي مختصر خطاب ڪيو ۽ مبارڪون ڏيندي چيو ته بي اعتمادي رٿ رد ٿي وئي ھاڻ ھو صدر مملڪت کي مشورو موڪلي رھيو آھي ته اسيمبلي ٽوڙي نئين چونڊن جو اعلان ڪري ! ھن خطاب کي به اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته صدر مملڪت عارف علوي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي وفاقي ڪابينا به ٽٽي وئي پر وزيرآعظم ساڳيو ويٺو رھيو ساڳي ڏينھن پنجاب ۾ به وڏي وزير جي چونڊ ٿيڻي ھئي جتي به بحران پيدا ڪيو ويو پھرين گورنر چوڌري سرور کي برطرف ڪيو ويو . اسيمبلي اجلاس 6 منٽ مس ھليو ۽ 6 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو . قومي اسيمبلي ۾ گڏيل اپوزيشن موجود رھي احتجاجن پاڻ اجلاس ھلايو ۽ پنھنجي اڪثريت ظاھر ڪئي وٽن 197 ووٽن جي وڏي اڪثريت ھئي . ھوڏانھن اپوزيشن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن چيف جسٽس آف پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي ۽ پٽيشن پڻ داخل ڪيون ويون موڪل جو ڏينھن ھجڻ سبب سپريم ڪورٽ کي لڳل تالا کوليا ويا چيف جسٽس ججز سان صلاح مشورا ڪيا . سمورن ادارن کي آئين کان مٿانهان قدم کڻڻ کان روڪيو سياسي پارٽين کي امن امان ۾ رھڻ جي ھدايت ڪئي گھرو وزارت ۽ دفاع جي سيڪريٽرين کان امن و امان قائم رکڻ لاءِ رپورٽ طلب ڪئي ڪاروائي کي 4اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي . وري 4 ۽ 5 ۽ 6 اپريل تي به ٻدڻي جاري رکي وئي امڪان ھو ته 6 اپريل تي فيصلو اچي ويندو سو نه آيو ۽ 7 اپريل واري جي ٻدڻي تي سبني جون نظرون آھن .سوال ھي آھي ته ھن سياسي بحران جو نتيجو ڪھڙو نڪرندو جيڪو حڪومتي ڇڙواڳي سبب ملڪ ۾ پيدا ٿيو آھي ؟
حڪومت ھن کي پنھنجي ڪاميابي قرار ڏئي رھي آھي ۽ وزيراعظم پاران سرپرائيز پڻ چيو پيو وڃي ته وري ھن کي آخري بال سان پڻ تعبير ڏني پئي وڃي پر عدالت جو فيصلو ھر حال ۾ آئين ۽ قانون پٽاندڙ ايندو ان ڪري ته ملڪ کي بحران مان اھو فيصلو ٻاھر ڪڍندو اھو فيصلو ڪھڙو ھوندو چئي نٿو سگھجي اھو چئي سگھجي ٿو ته ھوندو وري به حڪومتي ڇڙواڳي خلاف .
ڏسجي ته پنھنجي انا ۽ اقتدار جي حوس خاطر ملڪ سان ايڏي وڏي جُٺ ۽ آئين سان راند ڪا مذاق ته ناھي ھي مذاق حڪمرانن کي ڳرا نتيجا ڏيندي تنھن ھوندي به ملڪ وري به بحرانن جي ور چڙھيل ئي رھندو جيستائين سياست کي تجرباتي بنيادن تي ھلائي حڪومتن جون واڳون سياسي مسخرن ، مدارين ۽ رانديگرن حوالي ٿينديون رھنديون ته بحران پيدا ٿيندا رھندا . ھڪ طرف وفاق بحران ۾ آھي ته ٻئي پاسي ملڪ جو وڏو صوبو منو پاڪستان پنجاب به بحران جي ور چڙھيل آھي جتي به وڏي وزير جي چونڊ ٿيڻي آھي پر حڪمران ڌر پنھنجي اڪثريت وڃائڻ باوجود شڪست تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي 6 اپريل تي سڏايل اجلاس کي پرويزالٰھي جي خواھش تي 16 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو. ھوڏانھن وري پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت سڳوري کي 6 اپريل تي ئي اجلاس گھرائڻ ۽ وڏي وزير جي چونڊ پڻ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي تنھن ھوندي به اسيمبلي کي تالا لڳل رھيا ڪنڊيدار تارون لڳائي داخلي رستا بند ڪيا ويا اسيمبلي ميمبرن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ھتي به صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي . ھوڏانھن پيراڻي جي سھيلي فرح خان عرف گوگي جا چرچا به زدِ عام آھن جيڪا پنجاب جي چاٻي چئي پئي وڃي جنھن اربين رپيا ميڙي پيراڻي حوالي ڪيا .
ٻڏڻ ۾ پيو اچي ته پيراڻي به ملڪ ڇڏڻ جي چڪر ۾ ھئي پر کيس روڪيو ويو آھي . اھڙي نموني عمران خان جا ڪيترائي اھڙا ويجھا ساٿي اسڪرين تان غائب ٿي ويا آھن جيڪي حڪومتي ڪاروهنوار ۾ اڳيان اڳيان ھوندا ھئا . مامرو ھاڻ گھڻو اڳتي نڪري چڪو آھي بس عدالتي فيصلي جي اچڻ جو انتظار آھي . ڪنھن بہ صورت ۾ عمران خان پاڻ بچائي نه سگھندو کيس جيل ياترا ڪرڻي پوندي ۽ سندس سياست جي ڦوڪڻي ۾ ھوا ڀرڻ وارا ئي سندس ڦوڪڻي مان ھوا ڪڍي ھن کي پنھنجي حيثيت ياد ڏياريندا . جيل سندس سياست جي کيل کي ھميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو . پي ٽي آء 10 ٽڪر ٿي پنھنجو وجود وڃائي ويھندي ايندڙ وقتن ۾ عمران خان جي نالي تي سياست ۽ ووٽ پنھنجي لاءِ بدنامي ۽ خواري برابر بڻجي ويندو .

0 Comments