قومي اسيمبلي کان پوءِ پنجاب اسيمبلي حاضر آھي !

 ملڪ ۾ سياسي بحران  ان جو ناھي ! ھي ته ان وقت کان ئي شروع ٿيو جڏھن کان عوام جي چونڊيل حڪومتن خلاف سياسي پارٽين کي مخصوص طاقتورن پنھنجي نگراني جوڙي کين استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان جا خطرناڪ نتيجا به نڪرندا رھيا آھن ھن وقت به جيڪي حالتون جوڙيون ويون آھن آھي به ملڪ کي خطرن ڏانھن وٺي وڃڻ لاء پيدا ڪيون ويون آھن . ملڪ حڪومتن جي تبديل سان خطري ۾ نه ايندا آھن پر ملڪه آئيني ادارن کي غير آئيني قدمن سان ڪمزور يا غير مؤثر ڪرڻ سان پيدا ٿيندا آھن . 


ھن وقت به ملڪ جنھن بحران ۾ آھي ان جو ڪارڻ به غيرآئيني قدمن سبب آھي . بي اعتمادي آئيني قدم آھي ان جو مقابلو ڪرڻ به آئيني آھي اھو مقابلو  ايوان اندر پنھنجي عددي اڪثريت قائم رکڻ سان آھي نہ ڪي اھڙن قدمن کي چئي سگھجي ٿو جنھن سان مخالف کي جٿڻ ھجي پوءِ اھو ڪھڙي طريقي سان به ھجي . آمريت ھڪ سوچ نالو آھي جيڪا آھي عمل ڪرائي ٿي جنھن ۾ ڏاڍ ، ڏمر ، ناانصافي ، لاقانونيت ۽ غير آئيني قدمن جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن . اھڙا منظر اسان کي ڪجھه ڏينھن پھرين   قومي اسيمبلي ۾  نئين پاڪستان جوڙيندڙ حڪمرانن  آئين ۽ اسيمبلي جي تقدس کي قائم رکڻ  جا مثال ڏيکاريا آھن ھھڙي نموني پنجاب اسيمبلي  به مثال قائم ڪري ورتو آھن .  پنجاب اسيمبلي ۾ ته پاڪستان جي تارخ ۾ اھو ڪجھه ٿيو جنھن جو  مثال نٿو ملي پر ورھاڱي کان پوءِ وڏي صوبي بنگال جي اسيمبلي ۾ مثال ملي  ٿو جتي اسپيڪر مٿان حملو ڪري کيس ماريو ويو ھو بلڪل اھڙي طرح اڄوڪي وڏي صوبي جي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر  دوست محمد مزاري مٿان حملو ڪري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي کيس وارن کان جھلي لتون مڪون ھنيون ويون . پي ٽي آء وارا لوٽا ۽ بينر کڻي اسيمبلي ھال ۾ پھتا ھر ميمبر جي ھٿ ۾ رنگ برنگي لوٽا ھئا ايتري تائين جو اسپيڪر جي ٽيبل تي رکيا ويا سندس ڪرسي تي قبضو ڪيو ويو ان لاءِ  عورت ميمبرن کي استعمال ڪيو ويو . عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب امن و امان لاءِ آڳتي آيا اسيمبلي کي ٻاھران رينجرز ڪڙو چاڙھيو ته وري پنجاب پوليس جا ڪمانڊر ڊپٽي اسپيڪر جي حفاظت لاءِ پھچي ويا . پي ٽي آء  ۽ ق ليگ جا ايم پي اي پوليس اھلڪارن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻائيندا رھيا  وڏي وزير جو اميدوار ء اسيمبلي جو اسپيڪر پاڻ آڱوٺن جا اشارا ڪندي تشدد ڪندڙن کي ساراھيندو رھيو ھن پوري صورتحال ۾ گڏيل اپوزيشن وارا پنھنجين سيٽن تي صبر سان ويٺل رھيا. ھوڏانھن ڊپٽي اسپيڪر ھرحال ۾ اجلاس ھلائڻ جو اعلان ڪيو .جنھن اسپيڪر گيلري مان ڪاروائي ھلائي ۽ گڏيل اپوزيشن جو حمزه شھباز 317واري اسيمبلي  197 ووٽ کڻي قائد ايوان  چونڊجي ويو  حڪومتي اميدوار چوڌري پرويز الاهي ھڪ به ووٽ نه کڻي سگھيو ان ڪري ته ھو اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ويا. 
 ان کان اڳ ھڪ ڊرامائي تبديلي نظر آئي چوڌري پرويز الاهي جيڪو جنھن ھٿ  سان آڱوٺا ڏيکاري وڳوڙ ڪندڙن کي شاباسي ڏئي رھيو ھو ان ھٿ واري ٻانھن تي پٽيون ٻڏي منھن تي آڪسيجن ماڪس لگائي پٽ پاراتا ڏيندي نظر آيو ۽ چيو ته مٿس حملو ڪيو ويو آھي . سندس ٻانھن ڀڃي وئي آھي پر ھو ڀڳل ٻانھن کي آساني سان  مٿي ڪري بددعا به گھري رھيو ھو ته وري ڳالھائيندي ان سان اشاره به ڪري رھيو ھو . اھا خبر ته ميڊيڪل رپورٽ مان پوندي ته سندس ٻانھن ڀڳل به ھئي يا نه وڊيو  ڦوٽيجز مان خبر پوندي ته مٿس حملو ٿيو به يا نه ، جي ٿيو ته ڪنھن ڪيو ۽ ڇو ٿيو ؟ ڏسجي ته  حملو ڪنھن تي به ٿئي  غلط عمل آھي پر عملن جو حساب ڪتاب ته آھي .
 ڇوڌري سياسي طور وڏي اھميت ماڻي چڪا ھئا کين وڏ وزارت ته گڏيل مخالف ڌر ڏئي رھي ھئي ساڻن مامرا طئي به ٿيا ان کان پوءِ ساڳي وڏ وزارت پي ٽي آءِ آڇي جيڪا ھن قبول ڪئي . ھن سوچيو ته ناراض گروپن کي راضي ڪري وٺندو ۽ ن ليگ مان به بلاڪ ٺاھي پنھنجي اڪثريت حاصل ڪري وٺندو  پر ان ۾ ناڪام ويو ته ھر حال ۾ اسيمبلي اجلاس نه ٿيڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي . ھميشه غلط عمل کي تحفظ ڏيڻ  سان گھڻيون غلطيون ڪرڻيون پونديون آهن ۽ پوءِ آھي غلطيون ڳيچي ۾ پئجي وينديون آهن سو پرويز الاهي کي غلطيون آخري عمر جي ڏھاڙن ۾ ڳيچي ۾ پئجي ويون ھي حالت ساڻس ڪنھن ڪئي ن ليگ يا کيس وڏي وزارت لاءِ اميدوار بڻائيندڙن ! ھن جي خبر سي سي ٽي وي ڦوٽيجز مان ملي ويندي ته وري مامرو ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ کُلي سامھون ايندو .
 ڏسجي  ته اسيمبلي ۽ آئين سان ھٿ چراند سياسي اڳواڻن کي نٿي سونهين جيڪو پنھنجي لاءِ  حق ء پسند ته وري  ٻين لاءِ ناحق ، ناپسند ۽  ڏوھه سمجھجي  ته اھا ڪھڙي عقل مندي آھي . ھي ته ھو وڏو صوبو  پنجاب  جيڪڏھن سنڌ اسيمبلي  ۾ ھن جي ذري برابر به اھڙي ڊرامي بازي ٿي ھا ۽ ايوان جي توھين ڪئي وڃي ھا ته سموري ملڪ ۾ سنڌ لاءِ غلط رايا ڏنا وڃن ھا پنجاب اسيمبلي جيڪي لاھور ۾ آھي ان ۾ اسيمبلي ميمبرن جيڪا  لاھورڪي ڪئي اھا تاريخ جو حصو بڻجي وئي آھي .تاريخ اھڙن عملن جا نتيجا ڪي چڱا نه ڏنا آھن ۽ ملڪ به چڱا نه ڏٺا آهن . خاص ڪري پنجاب ۽ لاھور جي سياست پاڪستان کي لاجواب ڪرڻ بجاءِ بحرانن جي ور چاڙھيو آھي . ھن وقت به ملڪ سنڌ ، بلوچستان يا ڪي پي ڪي جي ڪري ناھي پنجاب جي ڪري ئي آھي . ڏسجي ننڏاصوباوري به ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن . ڏسڻو ھي آھي ته ڪامياب وڻن به ٿا يا نه ؟ ايترو ضرور آهي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ عمران خان جي غرور ، تڪبر کي مٽي ۾ ملايو ضرور اٿن .  

0 Comments