شھادت مولاء ڪائنات علي عليه السلام


ڪوفي جي مسجد فجر جو وقت  روزي جي حالت م آذان ، آذان جو وارث مؤمنن جو امير ڪائنات جو امام ڏئي ٿو مسجد ۾ ھڪ شڪي،  ملعون ابن ملجم منھن ڀر اونڌو ستل آھي ، مولا کيس پير جي ٺوڪر سان سجاڳ ڪري ٿو ۽ نماز لاءِ آماده ڪري ٿو  ، پاڻ مصلي عبادت ته محراب مسجد ۾ نماز ادا ڪن ٿا علي ع سجدي ۾ وڃن ٿا ملعون وار ڪري ٿو زھر پيئياريل تلوار وجھہ الله جي سر تي لڳي ٿي آسمان لرزي وڃي ٿو ، زمين ڌڏي وڃي ٿي آسمان تان ندا اچي ٿي قد قتل اميرالمؤمنين ھيڏانھن فرش تان آواز اچي تو فزت رب الکعبہ عرش وارن علي ع  جي ندا ٻڌي "واه علياواہ عليا" جي صدا بلند ڪئي فرش وارن جبرئيل ع  جي صدا ٻڌي "ياعلي ھاء علي ع "جون صدائون بلند ڪيون مسجد جون صفون ٽٽيون قاتل فرار ٿيو نمازين کيس پڪڙي نماز جي وارث وٽ وٺي اچن ٿا رسين ۾ بند زبان ٻاھر نڪتل چپن تي خشڪي اکين ۾ خوف ، جسم ۾ ڏڪڻي  ھيڏانھن  زخمي مولا رت ۾ لال ٿيل عمامي ، جسم اطھر خون ۾ رنگيل عين الله وارين اکين سان نگاھہ ڪئي قاتل کي پريشان ڏسي ھن جون ڳلي ۾ تنگ رسيون ڍريون ڪرايون ۽ پيش ڪيل شربت به قاتل کي پياريو فرمايائون "ته آءٌ زنده رھيس ته ھن بابت فيصلو پاڻ ڪندس جيڪڏهن ھن جھان ۾ نه رھان ته ھن تي به ھڪ وار ڪجو ان ڪري ته ھن به مون تي ھڪ وار ڪيو آھي ! "
زخمي مولا  کي سھارو ڏئي گھر آندو وڃي ٿو جئين ئي گھر جي ويجھو پھچن ٿا اصحابن ، مؤمنن ، مسلمانن کي واپس وڃڻ لاء چون ٿا پنھنجن فرزندن جي سھاري سان گھر اچن ٿا مولا اصحابن کي واپس ان ڪري ڪيو جو زينب الڪبري ، ام ڪلثوم سيدزادين جي روئڻ آواز اچي رھيا ھئا علي ع کي گوارا نه ھو ته سندن نياڻين جي روئڻ جو آواز اصحابين جي ڪنن تي به پوي پر! ھڪ ڏينھن ته ھي آواز بلند ٿيڻا آھن ۽ وقت جي علي ع جو امتحان به ٿيڻو آھي . 
ضرب لڳي 19 جي رات ڏينھن گذريو ، 20 ھين آئي 20 ھين گذري 21 ھين رمضان آئي بس زينب و  ام ڪلثوم سلام الله عليھا حسنين ڪريمين علھيم السلام جي يتيمي اچي وئي مولازخمي حالت ۾ پنھنجي رب جي عبادت ڪندا رھيا علي عليه السلام جي پوري زندگي عبادت ۾ گذري پر ھي ڏينھن خاص ھئا ان ڪري ته ھاڻي علي عليه السلام کي پنھنجي خالق علي ، خالق اڪبر وحده لا شريڪ له ڏانھن وڃڻو آهي مولا حسن عليه السلام کي وصيتون فرمايائون اصحابن ، مؤمنن ، مسلمانن کي خطاب فرمايائون . جڏھن علي مولا شھيد ٿي ويا ھر طرف ڪھرام برپا ٿي ويو تڏھن يتيم چوڻ لڳا اسان جو بابا وڇڙي ويو اسين اڄ يتيم ٿي وياسين ، بيواھون چوڻ لڳيون اسان جو سھارو کسجي ويو ، ھر طرف دانھن ھئي ته "واه علياواہ عليا ، ھاء علي ھاء علي ع . "
 دنيا ڏٺو ته علي ع سندن سھارو ھو تڏھن ته مولا ڪائنات پنھنجي پڳ جي وارث فرزند مولا  حسن المجتبي عليه السلام کي وصيت ڪندي ڪيترائي راز ٻڌايا ھئا جن ۾ رات جي انڌيري ۾ پنھنجي پٺي تي   اناج جون ٻوريون کڻي ضرورتمندن ، تيتيمن ، بيواھن تائين پھچائڻ ۽ کين اھا سڌ ئي نه ڏيڻ ته ھي مھرباني ڪير ڪري وڃي ٿو اھو راز ته تڏھن کليو جڏھن مولا علي عليه السلام ھن دنيا کي الوداع ڪيو . 
ھي وداع رڳو  دنيا کان نه ھئي پر دنيا لاءِ وڏي آزمائش به ھئي مولا کان پوءِ اصل امتحان شروع ٿئي ٿو ھاڻ مولا حسن المجتبي عليه السلام جي مصلحت ۽ مولا حسين عليه السلام جي ڪربلا وارن امتحان مان گذرڻو آھي . ڪوفي جي مسجد ۾ دنيا جي پھرين دھشتگردي ٿي ۽ ان جو بنياد رکيو ويو ۽ اسلام جي  باني گھراڻي دفاع جا بي مثال ، مثال قائم ڪيا جيڪي قيامت تائين مظلومن جي رھنمائي رھبري ڪندا رھندا ، اسلام مڪي کان مديني ، مديني کان ڪوفي ، ڪوفي کان مديني ، مديني کان ڪربلا ، ڪربلا کان ڪوفي ۽ شام ، شام کان مديني تائين تاريخ بڻجي وئي اھا تاريخ ئي مظلوميت  جي تاريخ آھي . جيڪا ھاڻ ڪربلا سان سڃاتي وڃي ٿي .

0 Comments