فلسطين تي اسرائيلي حملا ۽ عالمي مجرماڻي طاقتن جي خاموشي !

 فلسطين تي اسرائيلي حملا ڪي نوان ته ناھن  پر 27 رمضان المبارڪ تي اوچتو بيت المقدس ۾ نماز پڙھندڙن مٿان ٿيل حملو ۽ وري اھو جنگ ۾ تبديل ٿي وڃڻ اسرائيل پاران فلسطين جي رھائشي علائقن تي بمباري ،ميزائيل حملا ھي سڀ ڪجھہ بغير رٿابندي جي ته  ناھي ۽ نه ٿي سگھن ٿا جن حملن ۾ وڏي انگ ۾ ٻارڙن ۽ عورتن  جو شھيد ٿيڻ ۽ زخمي ٿيڻ  مان ثابت ٿئي ٿو ته اسرائيل رھائشي علائقن تي حملا ڄاڻي واڻي ڪري رھيو آھي . ھاڻ ھي ڇو ڪري رھيو آھي سندس رٿا ڪھڙي آھي ؟ ظاھر آھي ھو پنھنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ چاھي ٿو ۽ عرب توڻي مسلمان ملڪن کي آزمائڻ چاھي ٿو جن مان ڪيترن ئي اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو آھي ۽ ڪي ته ان قطار ۾ بيٺل آھن جيڪي اسرائيل سان لاڳاپا رکڻ چاھين ٿا . 

اسرائيل اھو ٻه منھون نانگ آھي جيڪو ھڪ پاسي ڌڪ لڳڻ سان ٻئي پاسي کان ڏنگ ھڻي وٺندڙ آھي ھڪ يھودي ملڪ جيڪو به فلسطين تي قابض ملڪ آھي جنھن جي آبادي ھڪ ڪروڙ آھي جڏھن ته اسلامي ملڪ 57 آھن انھن ۾ عرب ملڪ دولت سان مالامال آھن ھڪ ملڪ ته ايٽمي طاقت آھي عرب ليگ ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آء سي به آھن پر اھي سڀ ڪاغذي ۽ قراردادن تائين محدود آھن . اھڙي نموني 40 اسلامي ملڪن جو اتحاد به جوڙيو ويو جنھن جي باضابطا گڏيل فوج به جڙي ۽ ان جي سربراھي پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف حوالي ڪئي وئي ان کانسواءِ عرب ملڪن جي وڏي تعداد ۾ ھٿياربہ ڏنا ويا پر ان جو استعمال ڪٿي ڪيو ويو اھو به چٽو ظاھر آھي .
فلسطين مسئلو جيڪو نج اسلامي مسئلو ھو ان کي عالمي استعمار عرب مسئلو قرار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو ھو ۽ پوءِ عرب مسئلي مان به ٻن رياستن وارو مسئلو چيو ويو جڏھن ته اسرائيل کي زبردستي رياست جو درجو ڏنو ويو ۽ ھڪ قابض کي گڏيل قومن واري اداري  ۾ ميمبر بڻايو ويو . 
فلسطيني پنھنجي ڌرتي تي ويڳاڻا ۽ بي يارو مددگار ٿي پٿرن سان جديد ھٿيارن جو مقابلو ڪندا رھيا ھن وقت اسرائيل دنيا جي طاقتور رياست بڻيل آهي ان جو سبب کيس طاقتور ملڪن جي حمايت حاصل آھي ھن ھر غير انساني ڪاروائين تي به پڙدو رکي رھيا آھن ۽ ھر جارحيت کي دفاع جو نالو ڏئي رھيا آھن جڏھن اصل دفاع ڪندڙن کي دھشتگرد سندن دفاعي ڪاروائي کي غير انساني چيو ويندو آهي ! ھن عالمي طاقتن جي ڏاڍ اڳيان سڀ مجرماڻي خاموشي اختيار ڪيل آھن . پاڪستان سميت ڪجھه ملڪ زباني جمع خرچ ڪري لفاظي کان ڪم وٺي رڳو لفظي حمايت ڪندا رھيا آھن ۽ اڪثر ملڪ تہ خاص ڪري عرب ته ايترو چوڻ کان به لنوائي  رھيا آھن . ھڪ صدي جو ھي مسئلو جئين جو تئين موجود آهي پر مسلمان ملڪ ۽ عرب ملڪ به جئين جو تئين منتشر آھن ۽ حڪمران بہ خاموش! 
ھن وقت فلسطين مٿان ٿيل حملن ۾ عالمي ميڊيا موجب   50 بارڙن ، 45 عورتن سميت 200 شھيد ٿي چڪا آهن  1200 زخمي آھن جڏھن ته اصل انگ اکر مختلف آھن ھڪ اندازي مطابق 150 ٻارڙا شھيد ٿيا آھن اھڙي نموني100 کان مٿي عورتون ۽ شھيدن جو تعداد 300 کان مٿي ٻڌايو پيو وڃي ھزارين زخمي آھن وڏا مالي نقصان ٿيا آھن ملڪيتن کي نقصان رسيا آهن  وڏي ڳالھه آھي ته عالمي ميڊيا انگ اکرن کي به ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿي . ٻئي پاسي حماس ۽ ٻين ويڙھاڪ تنظيمن پاران ڪيل جوابي ڪاروائي سان ٿيل اسرائيلي فوجين جو وڏي انگ ۾  مارجڻ ۽ ائيرپورٽ ، پائيپ لائين سميت سرڪاري ملڪيتن کي پھتل نقصان به نه ٻڌايو ويو جنھن سان اسرائيل به لرزي ويو آهي . 
حماس ۽ ٻين ويڙھاڪ تنظيمن کي ھٿيار ڪير ڏئي رھيو آھي اسرائيل جو الزام آھي ته ھي ايران جو ڪم آھي ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ناھي ته ايران فلسطين جي ھر حوالي سان مدد ڪري رھيو آھي . لبنان ۾ حزب الله جنھن اسرائيل کي ھر حملي بعد طاقتور  جواب ڏئي پوئتي پير ڪرڻ تي مجبورڪندي رھي آھي اھا ايران نواز آھي ۽ کين ايران جي مڪمل حمايت ۽ مدد حاصل آھي اھڙي طرح فلسطين ۾ حماس کي به ايران نواز چيو وڃي ٿو . ٿيڻ ته ته ائين گھرجي ته سموري اسلامي دنيا گڏجي ھڪ آواز ٿي فلسطين جي حمايت جو اعلان ڪري فلسطين تي حملي کي پاڻ تي حملو قرار ڏئي ۽ اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪري ته ھڪ ڪروڙ آبادي وارو اسرائيل اربين تعداد واري اسلامي ملڪن اڳيان گوڏا کوڙڻ ۾ دير نه ڪندو پر ھتي اسلامي ملڪ پنھنجي مجرماڻي خاموشي سبب پاڻ گوڏا کوڙيل ڏسجن پيا . ايندڙ وقتن ۾ فلسطين مٿان وڌيڪ ڏکيا وقت اچڻا آهن ۽ اسلامي ملڪن جي غيرت جو امتحان به ٿيڻو آھي ۽ ممڪن آھي ايران سميت ڪجھه ملڪ پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪن جنھن جي نتيجي  ۾ دنيا ڪنھن جنگي ماحول ڏانھن وڌي وڃي ۽ ٽين عالمي جنگ جو رخ اختيار ڪري وٺي جنھن سان دنيا جو نقشو تبديل ٿي سگھي ٿو ۽ عالمي طاقتن جا بلاڪ به تبديل ٿي وڃن پر ھي سڀ ڪجھہ وڏي انساني سانحي جو ڪارڻ بڻبو ۽ جيڪو عالمي تاريخ کي به تبديل ڪري ڇڏيندو . 
اصل ۾ ڪنھن وڏي سانحي کان بچڻ جو واحد رستو اسلامي توڻي سموريون عرب ملڪن جو گڏجڻ ۽ ھڪ آواز ٿيڻ سان ممڪن آھي جيڪو ٿيڻ ته گھرجي ۽ وقت جي ضرورت به آھي پر ممڪن ناھي! ان ڪري ته مسلمان پاڻ ۾ ورھايل آھن جيستائين ھي ورھايل ھوندا تيستائين فلسطين سميت اسلامي ملڪن تي ٿيندڙ جارحيت ختم نه ٿي سگھندي ء ان جارحيت جو شڪار اھا مجرماڻي  خاموشي اختيار ڪيل  ملڪ به ٿيندا .

0 Comments