ز عشق دوست ہر ساعت دودی نارمی رقصم
گہے در خاک می غلطم گہے بر خار می رقصم
شدم بدنام و عشقش بیاری پارساں اکنوں
نمی ترسم زر سوائی سر بازار می رقصم
بیائے مطرب ساقی سماع شوق راویدہ
کہ من شادی و صلش قلندردارمی رقصم
لال شھباز فرمائن ٿا ته مان ھر وقت پنھنجي محبوب جي عشق ۾ باھ تي رقص ( ڌمال) ھڻندو رھان ٿو ڪڏھن مٽي ۾ لت پت ھوندو آھيان ان ڪري ته مان ترابي آھيان ، مان مٽي تي تڙپندو آھيان ۽ ڪنڊن تي ڌمال ھڻندو آھيان ، مان ان جي عشق ۾ جڪڙيل آھيان ان ڪري بدنام ٿي ويو آھيان جڏھن ته مان ھن بدنامي کان ڊڄان نٿو سر عام بازارن ۾ رقص ڪريان ٿو ، ساقي اچ منھنجي ويجھو مونکي پيار، ڇوته مونکي ٻڌڻ جو شوق آھي مان ھن جي وصال واري خوشي ۾ قلندراڻي رنگ ۾ رقص ڪندو آھيان . ڏسڻ وار چوندا آهن ته ھي فقير ڇا آهي ؟
ھا! اڄ به جڏھن فقير قلندري رنگ ۾ مست الست ٿي محبت جي مڌ پئء ڌمال ھڻندا آھن ته محبوب جي عشق۾ وجد ۾ اچي ويندا آھن جڏھن ھو محبوب جي نانء کي الاپيندا آھن ته ان وقت به اھو سوال ٿيندو آھي ته ھي فقير ڇا آھن ؟
مراخلق ہمی گویدا چندایں چہ می رقصم
بدل دادیم اسرار زآں اسرار می رقصم
لائق گر کند برن ملامت این سبب ہردم
مرا عشق است اندر دل زبہر یار می رقصم
مگر نازم برایں ذوق کہ پیش یارمی رقصم
نمید صوفی شد یارا بیا خرقہ در پوشم
اگر زنار بربستم در آن زنار می رقصم
تو آ قاتل برتماشا خون من ریزی
من آن بسمل کہ زیرِ خنجرِ خود نخوار می
منم عثمانِ مروندی کہ یارے خواجہ منصورم
ملامت می کند خلق ، ک من دار می رقصم
سخي لال شھباز قلندر فرمائن ٿا ھي سڀ رازجون ڳالھيون آھن مان ھن ڳجھ ڪري رقص ڪندو آھيان جيڪڏھن مونکي صبح شام دنيا وارا ملامت به ڪن پوء ته منھنجي اندر ۾ محبوب جو عشق آھي مان سرعام ڌمال ھڻندو آھيان مان محبوب جي عشق ۾ ايترو ته گم ٿي ويندو آھيان جو دنيا وارا مونکي نه ڏسي سگھندا آهن ۽ نه سمجھي سگھندا آهن . چون ٿا مونکي فخر آھي جو محبوب اڳيان ڌمال ھڻندو آھيان ان ڪري مون اھڙا ڪپڙا پھريان آھن جو دنيا وارا نه ڏسي سگھن مان ستار وڄائيندو آھيان ۽ ان تي رقص ڪندو آھيان . اي قاتل تون مونکي زھر ڏئي ماريو آھي مان بسمل جيان خنجر ھيٺيان به رقص ڪندو آھيان ، مان عثمان مروندي منصور جو سچو يار آھيان ، دنيا وارا مونکي گھٽ وڌ چون ٿا مان تخت دار تي به نچان ٿو مان پنھنجي مستي ۾ مست آھيان ھڪ اھڙي خوني درياهه ۾ لٿل آھيان جنھن جون طوفاني ڇوليون انسان کي ڳيھي ڇڏين ٿيون ، ھن دريا جي نه ئي شريعت آھي پر ان جو بادوان طريقت آھي جنھن جو رنگ لال آھي ان جو پار پوڻ حقيقت آھي .ھن ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته فقير جو رستومشڪل آھي ،ھاڻ منھنجو ٺڪاڻو ڪوبه ناھي ! قلندر ڪبريا پنھنجو پاڻ کان سوال ڪندي فرمائن ٿا ته ھن درياء کان ڇوٿو ڊڄين جيڪو ھن ۾ ويو ڪڏھن به واپس نه آيو ؟؟ جن ۾ ته ھزارين جانيون قربان ٿي چڪيون آھن مون به دنيا جو لباس لاھي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي تنھنڪري مونکي ڪوبه خوف ناھي !
ھي حقيقت آھي ته قلندر ھر دور ۾ ڀير تي ڏونڪو ھڻي بي خوف حق جي ڳالهه ڪري ٿو ڀلا ! ڇو نه ڪري سندس تعلق به ته ان سان آھي جنھن دنيا جي خوف کي مھڻو بڻائي ڇڏيو ھو ان در تان کيس سچائي ، حق جو نعرو ھڻي نروار ٿيڻ واري ستيء پياري وئي ھئي سندس واسطو ان ڌرتي ڪربلا سان آھي جنھن جي دنيا ۾ سواءِ سنڌ ڌرتي جي ٻي ڪابه ڌرتي مشابھ ناھي قدرت واري سنڌ کي اھڙو ته سھڻو بڻايو جو قدرت جي سموري سونهن ھن ۾ شامل آهي ۽ اِها سونهن جتي قدرتي نظارن سان آهي ته وري اتي سمنڊ جون ڇوليون ، سنڌو دريا جون موجون ، کيرٿر جي پهاڙن واري قطار ، منڇر ۽ ڪينجھر جا نظارا آهن سنڌ جي قدامت جون ثابتيون مهين جو دڙو ڌئي رهيو آهي ته اتي ٺٽي جي مڪلي وارو قبرستان آهي ڪراچي جي چوٿنڀي به آهي ، سنڌ سرسبز شاداب آهي هن جي ڌرتي قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ، اتي سنڌ جي اصل سونهن ۽ سونهن جو سبب هن ڌرتي جي خمير ۾ سچائي ايمانداري ، خلوص ، مهمان نوازي ، حق سچ جي پيغام کي قبولي وٺڻ آهي ان ۾ مظلوم سان محبت ۽ محبت جو پيغام ڏيندڙن سان عقيدت آهي . اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ڌرتي محبتي انسانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي ۽ انهن کي نه رڳو پنهنجي سيني تي جاءِ ڏني آهي پر پنهنجي هنج ۾ به سمهاريو آهي . هن ڳالھه ۾ ڪوبه عجب ناهي ته عجيبن جا عجب هن ڌرتي سان سلهاڙيل رهيا آهن اُهي عجيب اصل محبوب آهن جيڪي ڌرتي جي مهربانين جو راڳ هر وقت الاپيندا رهن ٿا اهڙا محبوب سنڌ جي هر شهر ڳوٺ وستي ۾ ڌرتي جي هنج ورتل آهن انهن ۾ شاھه عبدالطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، عبدالله شاھه غازي ، شاھه عنايت شهيد ، مخدوم بلاول شهيد ۽ قلندري سلسلي جا مست الست سيد حاڪم سرڪار پٽ واري جھڙا شامل آهن . قلندري سلسلو محبتن جو سلسلو آهي حق ،سچ جو سلسلو آهي هي واحد سلسلو آهي جيڪو تولا ۽ تبرا جو پرچارڪ رهيو آهي هن سلسلي مان وڏيون بزرگ هستيون جنم ورتو آهي جن روحاني فڪر سان گڏ سماج ۾ براين جي خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو آهي جتي به ويا اتي ظلم ۽ بربريت سامهون رڪاوٽ بڻجي مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جا مددگار ثابت ٿيا . اهو ئي سبب هو جو جڏهن آذرڀائجان جي شهر مروند مان عراق ويا اتي روحاني فيض حاصل ڪري روضي امام مظلوم امام حسين عليه السلام ، روضي غازي عباس عليه السلام ، نجف ۾ روضي امام علي عليه السلام ۽ سمورن آئمه عليه السلام جي مقدس حاضريون ڀريون عبادت رياضت ۾ گذاريو غيبي حڪم ملڻ تي ايران امام رضا عليه السلام جي مزار مقدس تي حاضري ڀرڻ ۽ اتي چلو ڪٽڻ کانپوءِ بشارت ملڻ تي مديني ۽ مڪي ۾ پهچن ٿا اتي يارهن مهينن تائين رهن ٿا ڪعبت الله ، روضي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ،جنت البقيه ۾ روضي سيده فاطمه زهره سلام الله عليها ، روضه امام حسن عليه السلام ،روضه امام علي بن الحسين سيد ساجدين علي زين العابدين ، امام محمد باقر عليه السلام امام جعفر صادق عليہ السلام کان روحاني فڪر وٺڻ کان پوءِ امر ملڻ تي ايران ، افغانستان کان ٿيندا سنڌ ڏانهن روانا ٿين ٿا . بلوچستان جي مڪران واري علائقي مان سفر ڪندا آيا جڏهن مڪران ۾ قيام ڪيائون ته اتان جي ماڻهن رياضت روحاني ڪشش ۽ ڪرامتون ڏسي سندس تائب ٿيا پاڻ ملتان به ويا ۽ اتي جي روحاني بزرگن سان ڪچهريون پڻ ٿيون پر هن جي روحاني طاقت اڳيان سموريون روحاني شخصيتون گھور وڃڻ لڳيو هيون کيس حڪم هو ته سيوستان سيوهڻ وڃن سو پاڻ پنهنجي منزل سيوهڻ کي قرار ڏيندي سفر کي جاري رکيو سيوهڻ ۾ سڪندر بودلو هڪ مست الست يگانو هو جيڪو هر وقت اِهو چوندو رهندو هو ته منهنجو مرشد ايندو ته ظلم کي ختم ڪندو . هي اُهو آواز هو جيڪو چرٻٽ راجا جي ايوانن کي لوڏي ڇڏيندو هو سيوستان سيوهڻ جو حاڪم جيسر چرٻٽ راجا هو . جنهن لاءِ چوڻي به مشهور ٿي ته (اونڌي نگري چرٻٽ راجا ) جيڪو هڪ ظالم حاڪم هو عوام مٿان ظلم ڪندو هو هن بودلو کي به گھرائي قيد ڪرائي ڇڏيو هو ۽ مٿس تشدد ڪرائيندو هو جڏهن به مٿس تشدد ڪيو ويندو هو ۽ هن جي جسم تي ڪوڙا لڳايا ويندا ها ته بودلو جي زبان مان هڪ ئي آواز نڪرندو هو منهنجو مرشد ايندو هن ظلم کي ختم ڪندو ۽ هڪ ڏينهن اُهوبه آيو جڏهن بودلو جو مرشد سيوهڻ اچي پهتو ۽ اتي قيام ڪيائين سندس روحاني فيض عام ٿيڻ لڳو مظلوم وٽس فريادون کڻي اچڻ لڳا چرٻٽ سمورا حيلا هلايا ته جئين روحاني شخصيت سندس علائقي مان نڪري وڃي فوج به موڪلي وئي پر هن جي انڪار تي فوج بضد هئي تان جو جڏهن سندس جلال ڏٺائون ته فوج ۽ وزير مشير ڀڄي نڪتا چرٻٽ راجا جو تخت ته ڇا پر سندس قلعي کي پاڻ اونڌو ڪري دنيا لاءِ عبرت طور پيش ڪيو دنيا کيس لال شهباز قلندر جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي ۽ هن جي عقيدت ۾ ايندا ويا .ان هستي کي قربِ خدا حاصل ٿيندو ويو ايتري تائين جو دنيا اِهو به ڏٺو ته پنهنجين مرضين کي هُن جي مرضين ۾ شامل ڪري ڇڏيائون جيڪو به حاجتون کڻي پئي آيو جھوليون ڀري پئي ويو اڄ قلندر جي مزار هئيڻن ، ڪمزورن ، مظلومن ، بي سهارن ، سماج جي ڌڪاريل انسانن لاءِ ڇانورو بڻيل آهي دنيا لکن جي تعداد ۾ حاضري ڀري ٿي ، قلندر شهباز کي لال ان ڪري سڏيو ويندو آهي ته پاڻ ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريندا هئا ، شهباز ان ڪري ته پاڻ وجد ۾ اچي پرواز ڪندا هئا ، قلندر ان ڪري جو حق ، سچ چوندا هئا . تاريخ ۾ سندس نالو محمد ۽ حسين پڻ ملي ٿو پر مشھور عثمان نالي سان آھن ان جو سبب ان دور ۾ حالتون خراب هئڻ ۽ آلِ محمد جي حق ۾ نه هجڻ ڪري نالا ڳجھا به رکيا پئي ويا . دنيا کيس لال شهباز قلندر سڏيو 734هجري ۾ جڏهن دنيا جو مشهور سياح ابنِ بطوطه دنيا جو سفر ڪندي سيوهڻ پهتو ته پاڻ لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو شرف حاصل ڪيائين مشهور محقق شيخ اڪرم پنهنجي تحقيقي ڪتاب موجِ ڪوثر ۾ برٽن جي هسٽري آف سنڌ ۾ لکيو آهي ته قلندر لال شهباز علمِ لسانيات جو ماهر پڻ هو هن جا ٻه ڪتاب "ميزان الصرف "۽ "صرفِ صفر " آهن جيڪي علم جا ذخيره آهن لال شهباز قلندر هڪ وڏي مرتبي وارا شاعر به هئا جنهن جو ڪلام معرفت جا دروازا کوليندڙ هو ، فقيري رنگ ۾ هو دين جو عالم هو سندس علمي وسعت يا درجو آيت الله العظميٰ جوهو جيڪو شرعي مسئلن جو حل قرآن ، حديث آئمه جي فرمانن جي روشني ۾ ڏيندا هئا قلندر جو نعرو ظالمن لاءِ ڏهڪاءُ پيدا ڪندڙ هو اڄ به دمادم مست قلندر وارو جملو ورجايو ويندو آهي مطلب ته قلندري فڪر روحانيت سان گڏ مزاحمتي ڪردار وارو رهيو آهي جتي ڪيترائي مغرور ، متڪبر به اچي پنهنجا سر جھڪائي پنهنجي ڪمزوري ۽ هيڻائي جو اعتراف ڪندا رهن ٿا . مورخن مطابق سرڪار لال قلندر 103 يا 112 سال ظاهري زندگي دنيا اندر رهيا 18 شعبان 673 هجري 1275 ع ۾ هن فاني دنيا مان ظاهري اکيون بند ڪيون پر بند اکين سان ۽ ڌرتي ۾ آرامي ٿيڻ باوجود به پنهنجو فيض جاري رکيل آهي لکين انسان بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي ساڻس عقيدت رکن ٿا سندس درگاھه هن وقت به سماجي ڀلائي واري ڪم ڪري رهي آهي ڏکايل انسان درگاھه تي اچن ٿا ۽ پنهنجا ڏکن کي سکن جي صورت ۾ تبديل ڪري وڃن ٿا هن درگاھه کي پنج سال اڳ دهشتگردن به نشانو بڻايو ۽ آپگھاتي بم حملو ڪيو جيڪو عين ان وقت ڪيو ويو جڏهن ڌمال ٿي رهي هئي مقصد قلندري ڌمال کي بند ڪرائڻ هو پر سوين قلندري ڌمالين جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ باوجود به ڌمال رڪجي نه سگھي ھئي گذريل سال قلندرجو 768هون عرس مبارڪ ٿيو ھو ۽ لکين عقيدت مند شريڪ ٿي رهياھئا جنهن مان ثابت ٿيو ھو ته قلندري فڪر آپگھاتي حملن سان رڪجڻ وارو ناهي قلندر جي ڌمال جاري رهڻي آهي نوبت وڄڻي آهي ڀير تي ڏونڪا لڳڻا آهن نغارا وڃڻا آهن مست ملنگ نادِ علي پڙهندا رهندا جھومندا رهندا .قلندري مزاحمتي تحريڪ جاري رهڻي آهي هر دور جو چرٻٽ حڪمران خلاف مظلوم دامادم مست قلندر ڪندا رهندا .
ٻيو وري پوري دنيا ۾ انسانيت مٿان ڪورونا وائرس جو حملو ٿيو اتي انسان جي زندگي بچائڻ سڀ کان وڏو فرض سمجھيو پيو ويو ان سلسلي۾ جتي ڪعبة الله جو طواف روڪيو ويو ڪعبي جو در بند ڪيو ويو ، مديني ڪربلا ، نجف ، مشھد سميت سمورن مقدس روضن کي عام زائرين لاءِ بند ڪيو ويو ، مسجدن ۾ باجماعت نمازن تي پڻ وقتي طور پابنديون لڳايون ويون ھيون. دنيا جي ھر مذھب جا مقدس مرڪز بند ڪيا ويا ھئا ، ڪاروباري مرڪز ، تعليمي ادارا ، بند ڪيا ويا ھئا دنيا جو سمورو ڪارونهوار ٺپ ٿيل ھو، شھرين کي گھرن تائين محدود رکيو ويو ھو. ھن مرض جو فقط علاج سماجي وٿي قرار ڏني وئي ھئي ۽ پاڻ کي گھرن تائين محدود رکڻ ئي ھو اھڙين حالتن دوران ملڪ سميت سنڌ جون سموريون وڏيون درگاھون به بند ڪيون ويون ھيون ۽ ان دوران سرڪار لال شھباز قلندر جو عرس به ھجي ته پوءِ لکين پانڌيئڙا پنھنجي مرشد جي حاضري ديدار کان محروم رھجي ويل ھئا ڏسجي ته ھي عمل پڻ قلندري فڪر مان ئي آھي قلندري فڪر انسانيت جي بقاء وارو ئي ته آھي ان ڪري سنڌ سرڪار انسانن جي زندگين خاطر ٻه سال عرس جون تقريبون معطل ڪري ڇڏيون ھيون . ٻه سالن کان تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عرس جي موقعي تي سيوھڻ جا رستا لکين زائرين کان خالي سنسان رھيا ، خاموش فضائون رھيون پر! تنھن ھوندي به ڀير تي ڏونڪو ضرور لڳندو ، نوبت ضرور وڄندي رھي محدود فقيرن جو جٿو ڌمال ھڻندو رھيو ، رسمون ادا ٿينديون رھيون قلندري فقير مرشد سان سڪ وارو ناتو نڀائيندا رھيا دمادم مست قلندر علي دم دم جي اندر جا نينھن وارا نعره لڳائيندا رھيا.
ھن سال 770ھين عرس مبارڪ جون تقريبون ٿي رھيون آھن سرڪاري طور تقريبن جو افتتاح پڻ ٿي رھيو آھي لکين پاندئيڙا سيوھڻ پھتل آھن ھڪ دفعو ٻيھر سيوھڻ جو فضائون قلندري نعرن سان گونجنديون مرشد جو دروازو زائرين لاءِ کليل رھندو قلندر جي نگري انساني سمند ۾ تبديل ٿي وئي آھي

0 Comments