عصمت و طھارت جي ٻن سمنڊن جي ملڻ سان جن موتين جنم ورتو انھن مان پھريان عصمت و طھارت وارو موتي امام حسن المجتبي عليه السلام آھن سندن ولادت باسعادت 15 رمضان المبارڪ 3 ھجري مديني ۾ ٿي . جناب ام الفضل خواب ڏٺو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي جسم اطھر جو ھڪ ٽڪڙو سندن ھنج ۾ اچي پيو آھي ھو پريشان ٿي وئي خواب، پاڪ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي ٻڌايائون ته پاڻ کين خوشخبري ٻڌائي ته منھنجي ڌي فاطمه زھره سلام الله عليھا کي فرزند پيدا ٿيڻ وارو آهي جنھن جي پرورش جي ذميواري توکي عطا ٿيندي . امام جي ولادت کان پوءِ رسالت جي ھٿ مبارڪن ۾ آيا زبان رسالت چوسيائين علم نبوت کي زبان نبوت مان حاصل ڪري سيني امامت ۾ محفوظ ڪيو . رسالت جي ھنج ۾ پرورش حاصل ڪري 7 کان 8 سال نگاھہ و صحبت رسالت ۾ رھيا جنگ احد ، جنگ احزاب جو مشاھدو ڪيو . صلح حدييہ ۾ اصحابن جي عملي ڪردار کي پرکيو جنگ خيبر ۾ پنھنجي بابا جي شجاعت جا منظر ڏٺا ، فتح مڪه ۾ طرز عمل رسالت ڏٺو ۽ مصلحتن اسلام قبول ڪندڙن کي به نظر ۾ رکيو ته وري 9 ھجري ۾ مباھلہ ۾ رسالت جي آڱر پڪڙي نجران جي مقابلي ۾ سڌو سنئون ميدان ۾ آيا اھڙي طرح 10 ھجري ۾ حجة الوداع جو مشاھدو ڪيو تہ وري غدير خم پنھنجي بابا جي مولائيت جو اعلان زبان رسالت مان ٻڌو ۽ انھن کي به ڏٺو جن جن بيعت ڪئي اقرار ولايت ڪيو . 11 ھجري ۾ نانا رسول الله صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي وڇوڙي جو ڏک غم ڏٺائين مس ته وري 90 ڏينھن اندر وري پنھنجي امڙ فاطمہ زهره سلام الله عليھا جي وڇوڙي جو دردناڪ غم اچي ويو امڙ جي غم کانپوءِ ڏکن تڪليفن جو ھڪ وڏو سلسلو شروع ٿيڻ لڳو .
ولادت باسعادت مولا امام حسن المجتبي عليه السلام
امام حسن عليه السلام خاندان رسالت جا پھريان ننڍي ڄمار وارا فرد آھن جنھن رسالت و امامت جي پھرين پرورش حاصل ڪئي . جوانان جنت جا سردار به آھن ته سندس ڀاءُ حسين عليه السلام به جوانان جنت جا سردار آھن ، امڙ جنت جي عورتن جي سردار آھي ته وري سندن بابا مولاء ڪائنات علي عليه السلام جنت ۽ جھنم جا تقسيم ڪندڙ آھن جنھن جي پرواني کانسواءِ ڪير جنت ۾ وڃي ته ڇا ان جي خوشبوءِ به سنگھي نه سگھندو . ھن جي لاءِ رسالت خطبو روڪي کيس ھنج کڻي وٺي ، پشت نبوت تي سوار ٿئي ته سجدي کي طول ڏئي ، جنھن جي سواري نبين جو سردار بڻي ، جنھن جي لاءِ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ته " ھي ڪنھن سان جنگ ڪن تہ بہ امام آھن ڪنھن سان صلح ڪن تڏھن بہ امام آھن ."
امام حسن عليه السلام جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ شرڪت ڪري جنگي مھارتن جا مشاھدا به ڪيا ته شجاعت جا منظر به ڏيکاريا . مديني کان ڪوفي جي زندگي به گذاري بابا جي شھادت جو غم ۽ انکانپوءِ ظاھري خلافت کي 6 مھينن تائين پرکيو ،امت جي تقسيم کي روڪڻ دين جي بقاءَ خاطر ۽ اھلبيت ع جي حقانيت کي قيامت تائين ثابت ڪرڻ لاء صلح ڪئي سابہ غير مشروط نه پر مشروط ! شرط به ڪھڙا ؟ اھڙا جنھن تي مخالف جو ھلڻ مشڪل نه ھجي جو اڳتي ھلي چيو وڃي ھا ته شرط ڏکيا ھئا مجبوري ۾ مڃياوياھئا . اھڙا ته آسان شرط جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته اھلبيت عليھم السلام اقتدار جي طلب کي مقصد نه سمجھيو آھي ، اصل ۾ اقتدار جي حقيقي معني ۾ استعمال جي طلب رکي آھي جيڪا قرآن و سنت تي عمل جي صورت ۾ آھي .
25 پيادل حج ڪرڻ ، سموري دولت کي الله جي راھه ۾ تقسيم ڪري ڇڏڻ ، سخا جو سلسلو ايترو جاري ھجي ڪير به وٽانس خالي واپس نه موٽندو ھجي امير شام جواھر ، مال ، دولت طشتن ۾ رکي ڀري دربار ۾ کيس آڇي ۽ پنھنجي سخي ھجڻ جو خيال آڻي ته مولا حسن عليه السلام اھو ڪجهه ڏسي جڏھن واپس ورن ٿا ته دربار جو ملازم امام ع جي چپل کي سڌو ڪري سندس قدمن اڳيان آڻي ٿو ته اھا سموري دولت ان ملازم کي بخشي ڇڏين ٿا ۽ دنيا دنگ رھجي وڃي ٿي حسن المجتبي عليه السلام جھڙي سخي جو گھر اھلبيت عليھم السلام جو گھراڻو آھي . امام عليه السلام جي امامت جو زمانو سن 40 ھ کان 50 ھ تائين مطلب 10 سال آھي . ھي مصلحت امام حسن عليه السلام ئي ھئي جنھن باطل جي اصل چھرن کي يزيديت جي روپ ۾ وائکو ڪيو ڪربلا ۾ حق ۽ باطل جو ميدان برپا ٿيو ۽ حق قيامت تائين نروار ٿيو جڏھن تہ باطل خوار ٿيندو رھيو ۽ ٿيندو رھندو . تاريخ امام حسن عليه السلام سان انصاف به نہ ڪيو پر انصاف ھميشه تاريخ کي وائکو رکيو اموي مورخن ڪيترائي الزام لڳايا ۽ غلط ڳالھين جي پروپيگنڊا ڪئي ، تنھن ھوندي به ڪامياب نه ويا ان ڪري تہ ھي شخصيت ڪا عام ته ناھي فرزند رسول ، ھمشڪل رسول ، جانشين رسول ،امامت جي ٻئي ڪڙي ،عصمت طھارت جي ٽئين ڪڙي ، شريعت جي محافظت واي الھي طاقت ، نص قرآن معصوم ، جنھن لاء رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا "حسن و حسين عليھم السلام امت جي وچ ۾ منھنجون ٻه امانتون آھن ، ھي جوانان جنت جا سردار آهن. "
"خدايا : مان ھن فرزند کي دوست رکان ٿو ۽ تون به ھر ان شخص کي دوست رک جيڪو ھن کي پنھنجو دوست رکي ."

0 Comments