شڪارپور پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪاميابي ۽ ناڪامي وارو سوال ؟

 سنڌ ۾ ڌاڙيل لفظ خوف ۽ ڏهڪاءُ جي علامت رهيو آهي ، اسين ته هن لفظ کان 80 ۽ 90واري ڏهاڪن ۾ واقف ٿياسين ۽ اِهو به ٻڌو سين ته ڌاڙيل ٻيلن ۾ رهندا

آهن جيڪي ماڻهن کي ڦريندا لٽيندا ۽ اغوا ڪندا آهن ، اسان جي ذهن ۾ ڌاڙيل
جو هڪ خوفائتو چهرو هوندو هو ۽ ائين لڳندو هو اُهي ڪا ٻي مخلوق هجن يا
ٻيلن ۾ رهندڙ جانورن جيان هجن . سندن مخصوص لباس  ٻٽ ٻڌل ، نراڙ تي ٽوپي
پائيندڙ ، قميص جي ڳلي جا سمورا بٽڻ کليل ،وڏا وار  هٿن ۾ هٿيار رکندڙ
وڏا ڇهپر سندن سڄاڻپ هئي .  ڏسندي ڏسندي ڌاڙيل جن کي ٻيلن جو بادشاھه چيو
ويندو هو اُهو شهرن تي به راڄ ڪرڻ لڳو .هنن اڳيان پوليس ته ڇا حڪومت به
بيوس بڻيل هئي ان ڪري ته حڪومت ۾ ته وڏيرا جاگيردار هوندا هئا ۽ ڌاڙيل به
ته انهن جي سرپرستي ۾ هوندا هئا ۽ وري پوليس به ته سرڪاري ڀوتارن جي چئي
آکئي ۾ هوندي هئي اهڙي طرح پوليس ۽ ڌاڙيلن جي درٻار هڪ ئي هوندي هئي اڪثر
ته پوليس جا وڏا آفيسر ۽ ڌاڙيل ڀوتارن جي دعوتن ۾ گڏ هوندا هئا .هڪ ٻئي
کي سوکڙيون .پاکڙيون ، تحفا به ڏيندا هئا ته وري ڌاڙيل پوليس کي شهرن تي
ڪاھه جي اڳواٽ ڄاڻ به ڏيندا هئا اهڙي طرح وري پوليس وارا کين آپريشن بابت
 آگاهي ڏيندا هئا . جنهن سان ٻئي ڌريون ڪاميابي سان هڪ ٻئي جو تحفظ ڪري
وٺندا هئا پر! پوليس پنهنجي آپريشن ۾ ناڪام ته وري ڌاڙيل پنهنجي ڪاهن ۾
ڪامياب ٿيندا هئا . هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڌاڙيل جي پالنا ڀوتارڪي نظام ۾
ٿي آهي انهن مان ڪجھه ڌاڙيل ڀوتارن جي ظلمن ۽ ڏاڍ کان بغاوت ڪري وڃي ٿيا
هئا جيڪي وڏيرن جي مفادن خلاف ڪم ڪندا هئا انهن جا ڪي اصول به هئا جيڪي
جڳ مشهور ٿيا وٽن حياءَ شرم جونقطو هوندو هو هڪ ته هو غريبن کي نه ڦريندا
هئا ٻيو نياڻين جو حياءَ ڪندا هئا ٽيون سيد ذات جو احترام  پنجون قرآن
ميڙ اڳيان خاموش ٿي ويندا هئا ڀل ته هُو ڪنهن ڌاڍي کي ئي ڦرڻ ڇونه ويا
هجن جيڪڏهن انهن جون نياڻون اڳيان اچي ويون يا قرآن ، سيد اڳيان آندائون
ته واپس هليا ويندا هئا اهڙن ڌاڙيلن جا قصا ڪهاڻيون مشهور ٿيا جيڪي خاص
ڪري وڏڙا ڪچهرين ۾ بيان ڪندا هئا اهڙن ڌاڙيلن ۾ 1965 ع ۾ مبين ڏاهري نالي
 وارو ڌاڙيل هو  جنهن ڪيتريون وڏيون وارداتون ڪيون هي دادو نوابشاھه ضلعن
۾ وارداتون ڪندو هو انهن ئي ضلعن واري حد جي ٻيلن ڏانهن هليو ويندو هو هن
زماني ۾ وري ايترو خوف نه هو جيڪڏهن هوبه مخصوص ڀوتارن ، جاگيردارن کي
هوندو هو غريب غربو عام وچولو طبقو بنا خوف جي هو .
ڌاڙيلن جو اصل دور آمر جنرل ضياءَ جي زماني ۾ زور پڪڙيو ان جو ڪارڻ خود
حڪومت جي پاليسي هئي ته سنڌ ۽ سنڌين کي اهڙي باھه ۾ ڦٽو ڪرڻ هو جئين هو
بدامني جي ور چڙهي  حڪومت سا به آمريت جي  نشاني تي رهي کين سنڌين کي
ڌاڙيل قرار ڏئي کين نظر انداز ڪرن جو موقعو ملي سگھي ٻين قومن ۾ نفرت
پيدا ٿئي . ٻيو ته سنڌ جو ڀوتار به سندن اڳيان جھڪيل رهي . آمريت سنڌ جي
سياسي شعور کي ڪچلڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني ته وري وڏيرن کي طاقتور
ڪيو ٻئي پاسي سنڌين کي غدار قرار ڏيڻ لاءِ اهڙيون  حالتون پيدا ڪيون جو
سنڌ جو نوجوان سياسي طور ويڙهاند واري حالتن مان گذرڻ لڳو ، تعليمي ادارا
تعليم جو مرڪز بڻجڻ بجاءِ سياست جا مرڪز بڻجي ويا . ڏسجي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل
ڪلچر جي شروعات به جنرل ايوب خان جي مارشلائي دور ۾ ٿي  ته وري اُهو عروج
جنرل ضياءُ جي آمريتي دور ۾ وٺي ٿو هن دور ۾ پرو چانڊيو نالي وارو ڌاڙيل
هو جنهن لاءِ چيووڃي ٿو ته هي اصل ڀوتارن جي ظلم ستم کان تنگ ٿي هٿيار
کڻي ٻيلو وسايو هو هن لاءِ مشهور آهي  نياڻي سيد ، قرآن ۽ غريب لاءِ
حياءَ رکندڙ هو هو جڏهن مارجي ويو ته مٿس هزارن جي انگ ۾ اجرڪ پيا ۽
جنازو به وڏو ٿيو جئين ڌاڙيل نه پر هڪ عوامي اڳواڻ جو موت ٿيو هجي .
هي دور ڌاڙيلن جي فخر جو دور هو جن ذاتين مان ڌاڙيل هئا اُهي ذاتيون خاص
ان جا ويجھا مٽ مائٽ پاڻ تي فخر ڪمدا هئا وڏيري ننڍيري وٽ يا پوليس
انتظاميا توڻي سرڪاري ادارن ۾ پنهنجي شناخت ظاهر ڪندا هئا ۽ وري هنن جا
ڪم ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا هئا .هي دور اُهو به هو جو ڌاڙيلن جي
باضابطه ڀرتي به ٿيندي هئي نوجوان خاص ڪري ڌاڙيل ٿيڻ پسند ڪندا هئا اُهو
وقت به آيو جو هر ذات مان ڌاڙيل ٽولو سامهون آيو خاص ڪري دادو  نوابشاھه
، لاڙڪاڻو ضلعن جي ڪچي واري علائقن ٻيلن ۽ ڀوتارن جي ڪيٽين ۾ ڌاڙيلن جا
اڏا هوندا هئا . تعجب جي ڳالھه هئي ته هڪ پاسي ڌاڙيلن جو رڻ ٻريل هو
واپاري طبقو شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ لڳا اهڙي نموني سنڌ جا ڳوٺ ۽ ننڍا
شهر خالي ٿيڻ لڳا باقي وڃي پورهيت طبقا ۽ ننڍڙا واپاري بچيا هي صورتحال
ڀوتارن لاءِ اڃا به وڌيڪ بهتر ٿي وئي  جو واپاري طبقي جي جاءِ تي انهن
پنهنجا ڌنڌا ڪرڻ شروع ڪيا .  سنڌ جا وڏا شهر جيڪي امن و امان ۽ انتظامي
طور مضبوط هئا اُتي به دهشتگرد ڪلچر وجود اچڻ لڳو ۽  اُهي دهشتگرد وري
سياسي ، مذهبي تنظيمن جو حصو بڻجي ويا ۽ انهن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا ڏسندي
ڏسندي شهربه غير محفوظ ٿي ويا دهشتگرد تنظيمن جي اقتدار ۾ اچڻ سان پوليس
کاتي ۾ به انهن پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا ۽ پوليس به شهرين لاءِ عذاب
بڻجڻ لڳي .آمريتي دور آمر جنرل ضياءَ جي موت  سان گڏ ختم ٿيو ته وري
ڌاڙيل ڪلچر ۽ دهشتگردن خلاف به عوامي حڪومت فوجي آپريشن ڪيا جن ۾
نوازشريف پاران ڪرايل آپريشن ڌاڙيلن جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي هئي ۽ ڌاڙيلن
جي پٺڀرائي ڪندڙ ڀوتارن جو به گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو هو اهڙو ماحول جڙي ويو
جو هاڻ ڪير به پاڻ کي ڌاڙيل جو مٽ مائٽ ته ڇا ويجهو يار سڏائڻ لاءِ تيار
نه هو . هن ڳالھه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن فوجي آپريشن سنڌ نقصان به پهچايو
سنڌ جا ٻيلا تباھه ڪيا ويا ڪيترن بيگناهن کي به فوجي آپريشن جي ور چاڙهيو
ويو . ڌاڙيلن جي هيٺاهين ڪرڻ وارا پنهنجو روپ مٽائي فوجين جا مخبر بڻجي
ويا ۽ پنهنجا وير وٺڻ لڳا هئا .
جيتوڻيڪ هن آپريشن مڪمل طور ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪري نه سگھيو هو ڌاڙيلن جا
ٽولا وري نئين سري سان منظم ٿيڻ لڳا هئا وري پوليس جي ڪجھه ايماندار فرض
شناس آفيسرن انهن خلاف آپريشن ڪيا انهن ۾ پوءِ کڻي جھڙتو پوليس مقابلا
ٿيا پر ڌاڙيلن جي مرڻ جون خبرون اچڻ لڳيون مرندڙ ڌاڙيل به نامي گرامي هئا
جن مٿان وڏيون  ڳريون رقمون انعام طور رکيون ويون هيون پوءِ کڻي اُهي
رقمون پوليس ئي کنيون پر ڌاڙيلن خلاف پوليس جو رويو سگھارو نظر پئي آيو
پوليس ڪنهن حد تائين پنهنجو اعتماد بحال ڪري رهي هئي پر آڱرين تي ڳڻڻ
جيترا فرض شناس آفيسر ڪيترو هلي پئي سگھيا . ايترو ضرور ٿيو ته دادو ضلعو
، نوابشاھه  ، لاڙڪاڻو سميت  ٻين ڪجھه ضلعن مان ڌاڙيلن جو زور ٽٽو عوام
سک جو ساھه پٽيو تنهن هوندي به ڪجھه ضلعن جن ۾ خيرپور ميرس ، جيڪب آباد ،
شڪارپور شامل آهن انهن اندر  مختلف برادرين ۾ جھيڙن منهن ڪڍيو جن کي
قبائيلي جھيڙو چيو پئي ويو جڏهن ته سنڌ ۾ قبائيلي جھيڙن جو تصور ئي ناهي
رهيو . اصل ۾ هي سڀ ڪجھه ان ڏوهاري سوچ رکندڙن سبب ٿي رهيا هئا جيڪي
ڌاڙيل ڪلچر جو حصو رهيا هئا انهن مان اڪثر ڀوتارن ، پيرن گادي ڌڻين  جا
باڊي گارڊ ٿيا ڪي انهن جا نمائندا ٿي ڳوٺن جون چڱ مڙسيون ڪرڻ لڳا ۽ ڀوتار
سردارن جا مشير بڻيل رهيا انهن ننڍن ننڍن مسئلن کي به وڏو ڪري برادري جي
غيرت  وارو مامرو قرار ڏئي ڌرين ۾ وڏن جھيڙن جو بنياد وڌو ، جھيڙن جو
ڪارڻ ڪڪڙ چوري ، ٻڪري چوري کان ويندي هر بي مقصد ڳالهين تي ٿيڻ  سامهون
اچڻ لڳو وري جھيڙيندڙ ڌرين جا مک ڪردار ڀاڳيلا ٿي ٽولن جي صورت ۾ ٻيلن ۾
اڏا جوڙي ورتا . شڪارپور ، جيڪب آباد ، ڪنڌ ڪوت ڪشمور ضلعن ۾ ڌاڙن ،
اغوائن جون وارداتون به ٿيڻ لڳيون ته وري بردارين جا جھيڙا به ٿيڻ لڳا هي
علائقو هڪ دفعو ٻيهر ڏوهارين جي راڄ هيٺ اچي ويو . هنن وت ڪو ڪوبه اصول
نه رهيو نه ئي وري حياءَ شرم ، نياڻين ، قرآن ، سيد ۽ غريب غربي جو قدر
احترام هر هڪ کي ڦريندا لٽيندا ، اغوا ڪندارهيا ۽ هٿيارن جا منهن کولي
قتلِ عام ڪندا رهيا .  حيرت جي ڳالھه ته قانون به ڏسندو رهيو حڪومتون به
چڻ ته  اڻ ڄاڻ رهيون خير   وقت بوقت آپريشن جي نالي ڪاروايون ڪيون ويون
پر پوليس ناڪام رهي ، تازو ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور پوليس ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو
آفتاب ناصر جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو جيڪو چڱو عمل هو پر وري به ائين لڳو
ته هي آپريشن به بنا ڪنهن تياري جي ڪيو ويو ايتري تائين جو پوليس جي بڪتر
بند گاڏي به محفوظ ثابت نه ٿي ۽ ڌاڙيل ان کي به آساني سان  نشانو بڻايو
بڪتر بند ۾ ويٺل اهلڪار شهيد ٿي ويا جيڪي مدد لاءِ پڪاريندا رهيا  جن جي
پوليس مدد نه ڪري سگھي ،  گاڏي تي ڌاڙيل قابض ٿيا ۽ پنهنجي فتح  جو
مظاهرو ڪندي نظر آيا !
 . جنهن مان ثابت ٿيو ته اسان جي پوليس کان وڌيڪ جديد هٿيارن توڻي
پيشواراڻي مهارت ڌاڙيل رکندڙ آهن . پوليس ڀلي دعويٰ ڪري ته هنن ڌاڙيلن جو
وڏو نقصان ڪيو آهي پر! 3 شهيد اهلڪارن جا جنازا ٻڌا ئي رهيا آهن ته اوهان
 غير محفوظ طريقي آپريشن ڪيو ڏسجي ته هي آپريشن ناڪام لڳي ٿو هن ناڪامي ۾
رڳو پوليس ذميوار ناهي پر سنڌ حڪومت به ذميوار آهي جيڪي هڪ بڪتر بند گاڏي
4 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان خريد ڪئي وئي آهي  جيڪا بلٽ پروف ته پنهنجي
جاءِ تي وڏن حملن کان محفوظ رهندي ان کي خصيص راڪٽ لانچر نقصان پهچايو .
جنهن کان پوءِ ٻين اهڙين گاڏين جي غير محفوظ هجڻ جو شڪ ڪرڻ ته  ٺهيو پر
پڪ ٿي وئي آهي .
ڏسجي ته هي آپريشن رڳو ڌاڙيلن خلاف ناهي ، عادي ڏوهارين خلاف آهي ۽ انهن
جي سرپرستن خلاف به آهي ان لاءِ بنا ڪنهن رٿابندي ۽ پيشواراڻي مهارت
رکندڙ اهلڪارن  جي سواءِ ڪاميابي نا ممڪن آهي . اڦسوس آهي ته شڪارپور جي
ڪچي ۾ ڌاڙيلن پنهنجي ڏوهاري راڄ جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن جڏهن ته
اسان جي پوليس روايتي اندازن سان پان کي ڪامياب قرار ڏئي رهي آهي جيڪا ان
بڪتر بند جيان آهي جيڪا هئي ته بُلٽ پروف ۽ وڏن حملن کان محفوظ پر محفوظ
ثابت نه ٿي ! هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته  هن ناڪامي کي  سنڌ حڪومت تسليم ڪري
ٿي يا نه ؟ يا مها ڪرپشن ڪندي به ڪن لاٽار ڪرڻ وارو طريقو رکي ٿي ۽
حڪومتي ترجمان پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ پوليس اصلاحات جا راڳ
الاپيندي نظر ايندا

0 Comments