پشاور ڌماڪو نمازين جي شھادت ذميوارڪير !

  ڪجھه ٺاپر کان پوءِ ٻيھر دھشتگردي سرگرميون تيز ٿيڻ لڳيون آھن  ۽ جڏھن بہ دھشتگردي جي شروعات ڪئي ويندي آھي ته ان جو نشانو اڪثر مسجد ، امام بارگاهه کي بڻايو ويندو آھي شايد دھشتگردن کي بہ اھا پڪ ٿي چڪي آھي ته ھڪ مڪتب فڪر جي عباتگاھہ کي نشانو بڻائڻ سان عالمي سطح ملڪ جي ساک متاثر ته ٿيندي پرڏيھي پاڪستان کي غير محفوظ سمجھندا ڪاروبار ۽ ٻيون سرگرميون ڪرڻ کان لنوائيندا پر ان ھوندي به  حڪومت تي ڪو وڏو اثر نه پوندو نه حڪمرانن جا پير اکڙندا . وقتي مذمت ٿيندي بس ! دھشتگرد جيڪي مخصوص سوچ واري طبقي سان واسطو رکن ٿا اُھي مخالف مڪتب واري کي نشانو بڻائي پنھنجو تہ مقصد حاصل ڪن ٿا ٻيو وري ملڪ کي غير مستحڪم بڻائيندڙ طاقتن کي بہ مدد ڏين ٿا . دھشتگرد ڪئين ڪٿان اچن ٿا ۽ انھن جا سھولتڪار ڪير آھن ؟  ايڏي وڏي ڪاروائي جو منصوبو جوڙين ٿا اسان جي ملڪي ادارن گھرو وزارت کي سُڌ ئي نٿي پوي ! تنھن جو مطلب دھشتگردن جو نيٽ ورڪ خفيہ طور بہ ايڏو طاقتور آھي جو ملڪي ڳجھا ادارا به بي خبر رھن ٿا . پشاور ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو  آھي قصه خواني بازار جي جامع مسجد و امام بارگاهه اماميه ۾ ان وقت  اندر ڌماڪو ٿيو آھي جنھن وقت نمازي جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ موجود ھئا  ۽ نماز ۾ باقي ٻہ منٽ ھئا مسجد نمازين سان ڀريل ھئي مسجد جي سيڪيورٽي لاءِ فقط 2 پوليس اھلڪار مقرر ھئا انھن مان ھڪ مزاحمت ڪئي ته  حملي آور دھشتگردن ان کي گولين جو کاڄ بڻايو ۽ مسجد اندر داخل ٿي ويا  ٻئي اھلڪار کي به نشانو بڻايو ويو افراتفري پکڙجي وئي  خودڪش حملي آور فائرنگ ڪندو  ٻئين صف تائين پھچي ويو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾  60 کان  وڌيڪ نمازي  شھيد ٿي ويا 200 کان مٿي زخمي آھن  . مسجد نمازين جي رت سان لعل ٿي وئي انساني جسم جا عضوا ھر پاسي پکڙجي ويا روڄ راڙو پئجي ويو پٽ پيءُ کي پيءُ پٽ کي ڀاءُ ، ڀاءُ کي ، دوست ، دوست کي سڏيندو رھيو ڳوليندو رھيو ، زخمي تڙپندا رھيا پورو علائقو حراس ۾ وٺجي ويو سيڪورٽي اھلڪارن علائقي کي پنھنجي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو . مسجد و امام بارگاهه ڳتيل علائقي ۾ ھجڻ ۽ سوڙھين گھٽين ھجڻ سبب زخمين جي اسپتال پھچائڻ ۾ ڏکيائون پڻ ٿيون قيامتِ صغريٰ جا منظر ھئا شھيدن ۽ زخمين ۾ ٻارڙا به شامل ھئا  سي سي ٽي ڦوٽيج  حملي آور کي چٽو ظاھر ڪيو آھي  مين گيٽ کان ايندي فائرنگ ڪندي مسجد ۾ داخل ٿيندي ۽ ڌماڪي سان اڏاريندي سب منظر محفوظ ٿيل آھن جيڪي سوشل ميڊيا تي وائر ٿيل  آھن جن کي ڏسي دل تڙپڻ لڳي ٿو جيڪي اکيون ڏسي متيون سگھن شھيدن جا چچريل ۽ عضوي  ، عضوي کان ڌار لاش ، زخمي جو تڙپڻ آھي و بقاء ھانءُ جھوري ماتم ڪرائي رھيا ھئا ھاءِ حسين ع ھاءِ ڪربلا جون دانھون ڪرائي رھيا ھئا . 

سوال  آھي ته ھن دردناڪ واقعي جي ذميواري ڪير قبول ڪندو ، ڇا دھشتگرد ٽولو ذميواري قبول ڪري تہ ڪافي آھي ؟ ظاھر ڳالھه آ دھشتگرد ٽولو قبول ته ڪندو پر ڇا ھن جي ذميواري حڪومت مٿان عائد نٿي ٿئي حڪومتي انتظاميا مٿان نٿي اچي ، ڳجھن ادارن جي ناقص ڪارڪردگي مٿان سواليه نشان نٿو  ٿئي ؟ جيستائين حڪومت ۽ ذميوار ادارا پنھنجي ناڪامي جي ذميواري قبول نه ڪندا تيستائين ھھڙا واقعا ٿيندا رهندا ۽ حڪمران الزام ملڪ دشمن پرڏيھين مٿان ھڻندا رھندا ۽ چوندا رھندا ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آھي  جڏھن تہ پنھنجي ڪمزوري جو اعتراف نه ڪيو ويندو آھي .

 ڇا  قوم کي  خبر ناھي تہ  دھشتگرد قوتون ڪھڙيون آھن؟ بس  رڳو انھن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪمرانن وٽ منصوبو  ڇا آھي يا ڪھڙي تياري آھي اھا ٻڌائي وڃي يا حڪومت عوام جي تحفظ جي ضمانت تان ھٿ کڻي ته جئين ھر ھڪ پنھنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪري . جيڪو عمل ملڪن جي ناڪامي ۽ ڪمزوري جو واضح ثبوت ھوندو آھي جنھن ڪري ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دھشتگرد رياست جي اکين ۾ مٽي وجھي آساني سان ڪاروايون ڪري وڃن ٿا .

ھن دھشتگردي کي مذھبي رنگ ڏيڻ يا فرقي وارنہ ڪاروائي چوڻ به ناانصافي آھي فرقي واريت تڏھن چئجي جو ٻن فرقن ۾ سايون ڪاروايون ٿينديون ھجن ھتي ته ھڪ مڪتب فڪر کي ٽارگيٽ ڪري رت ۾ وهنجاريو وجي ٿو . افسوس ناڪ عمل ھي بي آھي ته اسان جا حڪمران به ھن ڪاروائي مذھب سان جوڙين ٿا جڏھن ته دھشتگرد جو ڪوبه مذھب ۽ نظريو نه ھوندو آھي . ھي ڳالھه به سمجھڻ جي آھي ته جڏھن بہ ملڪ ۾ انٽرٽينمنٽ جا ايوينٽ ٿيڻ لڳن ٿا ته يا سياسي سرگرميون تيز ٿي. لڳن ٿيون ته دھشتگرد ڪاروائي ڪري ملڪي وقار کي مجروح ڪري ڇڏين ٿا . پشاور واقعي بابت وزير اعظم عمران خان جو خاص ردعمل نه اچڻ ۽ گھرو وزارت جو ترت ۽ تيز ردعمل نه ھجڻ جو سبب شايد ڪي پي ڪي ۾ واقعي جو ھجڻ آھي جتي سندن صوبائي حڪومت آھي ۽ انھن جي سيڪيورٽي جي ناڪامي آھي جيڪڏھن ھي خدا نه ڪري سنڌ ۾ واقعو ھجي ھا ته وفاقي حڪومت کي ۽ گھرو وزارت کي سند جي  صوبائي  حڪومت جي ناڪامي چٽي نظر اچي ھا !  جئين کين ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن تي ڳڻتي وڪوڙيو ھو ۽  گھرو وزير شيخ رشيد سنڌ اندر  ٿاڻن تي به رينجرز مقرر جي آڇ ڏني ھئي پر کين پشاور سانحو ان ڪري گھٽ نظر اچي رھيو آھي جو ھڪ ته ھي شيعه ڪميونٽي خلاف ڪاروائي آھي ۽ ڪي پي ڪي ۾ آھي . 

ھن سانحي کانپوءِ به حڪومت کي سياسي بيان ڏيڻ ، پريس ڪانفرنسون ڪرڻ کان فرصت ملي ئي نٿي ھو ھٿ وٺي عوام جو ڌيان ھن سانحي کان ھٽائڻ چاھين ٿا پر ھي درد ايڏو وڏو آھي جو عوام وساري نٿو سگھي جيڪڏھن حڪمران عوام جي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندا رھيا ته پوءِ عوامي ردِ عمل به فطري ھوندو ۽ ان جا نتيجا به خطرناڪ ھوندا . تنھن ڪري دھشتگرد ٽولي خلاف ڪاروائي ئي اھڙي  باھ کي ٺاري سگھي ٿي ڏسڻو اھو آھي ته دھشتگردن خلاف نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪاروائي ٿئي ٿي يا نه ؟ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچڻ شرط  ئي نيشنل ايڪشن پلان کي روڪي ڇڏيو ھو ، جنھن جو وڏو فائدو دھشتگردن کي پيو آهي.  جيڪي موقعو وٺي بيھر طاقت سان سرگرم ٿي رھيا آھن ۽ ڪاروايون ڪري رھيا آھن .

0 Comments